SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رومانوي تنقيد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

رومانوي تنقيد

(Romantic Criticism)

رومانوي تنقيد سان ئي جديد تنقيد جو آغاز ٿئي ٿو، تنهنڪري ان زماني کان ئي تنقيد ۾ فلسفي، تاريخ، نفسيات، عمرانيات ۽ جماليات جي عنصرن کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. رومانوي تنقيد هيٺ نقادن مدي خارج اصولن ۽ روايتن سان بغاوت ڪئي ۽ نوان اصول ايجاد ڪيا. هيءَ تنقيد خالص داخلي معيار کان ڪئي ويندي آهي. ادب کي جڏهن ليکڪ جي ذهن، ڪيفيت يا مزاج جو اظهار تصور ڪري، ان جي موضوعن ۽ عنصرن تي زور ڏنو وڃي ته اها ڪوشش اڳتي هلي رومانويت جي موڙ تي پهچي ٿي. هتي اهو به ڄاڻڻ گهرجي ته رومانويت جي مخالف تحريڪ حقيقت پسندي (Realism) آهي، جنهن جو سمورو زور ”ٻاهرين“ دنيا تي آهي. پر تنقيدي روايت ۾ جيڪا اهميت رومانويت کي ملي آهي اُها حقيقت پسنديءَ کي ڪڏهن به نصيب ڪين ٿي سگهي.


Remember Me Also:

قدرائتو

ذ. صفت. قدر وارو ، قدر ڪندڙ. ٻئي جو قدر سڃاڻندڙ. ٻئي کي عزت ڏيندڙ. لائق وڙائتو ، لائقن ڀريو ، معقول ، مناسب ، واجب ، شڪرگذار ، شڪرمند ، مشڪور ، ممنون. شاڪر. احسانمند. ظرف. لائقي سان ، جوڳي ريت ، بخوبي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal